ختنو طُهر

ختنو/ طُهر: طُهر جي معنيٰ آهي پاڪائي. ختني يا طُهر جي رسم ۾ نر ٻار جي پيشاب واري نليءَ جو غير ضروري چمڙو ڪپيو ويندو آهي. ختني جو رواج حضرت ابراهيمعه جي دور ۾ پيو، ڇو ته جنگين ۾ سسي لهڻ کان پوءِ ڪافرن ۽ مسلمانن جا ڌڙ سڃاپجي نه سگهندا هئا، ان ڪري طُهر ويهارڻ جو حڪم ڪيو ويو. حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم پڻ انهيءَ رواج کي قائم رکايو، تنهنڪري طُهر کي سنت ابراهيمي يا خالي سنت به سڏين ٿا. طُهر عام طرح ڪنهن ڇوڪري جي ڇٺيءَ واري ڏينهن کان بالغ ٿيڻ تائين ڪرايو ويندو آهي. سنڌ جي اڪثر ڳوٺن ۾ ان موقعي تي شاديءَ وانگر دعوت ڪئي ويندي آهي. عورتون ڳيچ ڳائينديون آهن. مقرر رات جو ننڍڙي نينگر کي گهوٽ وانگر هٿن پيرن کي ميندي لائي ساڄي هٿ ۾ ڳانو ٻَڌو ويندو آهي. گهوٽ کي ڇني ۾ ويهاريو ويندو آهي ۽ زالون ڳيچ ڳائي ڪپڙا کڻي اينديون آهن، پوءِ گهوٽ کي وهنجاري نئين سلوار، پهراڻ ۽ ٽوپي وغيره پارائي ويندي آهي. گهوٽ کي ٻِٽَ يعني کهنبي پوتي پارائي ان تي موڙ ٻڌندا آهن، بعد ۾ حجم گهور اوڳاڙيندو آهي، ڳاني ۽ موڙ جي گهور کي ڄاڃي ٿالهيءَ ۾ وجهندا آهن، جنهن ۾ چانور ۽ ڪپڙا آندا ويندا آهن. حجم ڄاڃين کان مليل گهور ۽ گهوٽ جا لاٿل ڪپڙا به کڻندو آهي. سرگس نڪرندي آهي. طُهر ٿيڻ کان اڳ نينگر کي ڳاڙهي ڪپڙي جي گوڏ ٻڌندا آهن ۽ ٺڪر جي ڪونڊيءَ يا پاٽ تي ويهاري طُهرائيندا آهن. طهر بعد ڇوڪر کي سجايل هنڌ تي ٻنهي پاسن کان وهاڻا ڏئي، سڌو ڪري سمهاريو ويندو آهي. سندس کاڌو خاص هوندو آهي. ٽن ڏينهن کان پوءِ ٻار اٿي هلندو آهي. انهيءَ وچ ۾ حجام روزانو خبر چار پيو وٺندو آهي. ٻورو ۽ دوائون ڏيندو آهي. اڄڪلهه طهر ڊاڪٽرن کان پڻ ڪرايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو